اديون آءٌ اڄاڻ

اديون آءٌ اڄاڻ

اديون آءٌ اڄاڻ

اديون آءٌ اڄاڻ (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اسڪالر ڊاڪٽر فهميده حسين جي مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ فلسفي جو مختصر جائزو پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو مختلف رخن کان جائزو، ان جي مختلف ڪردارن، ڏکين لفظن جي معنائن بابت مونجهارن، شاهه جي سماجي شعور ۽ فلسفي بابت 21 مضمون شامل آهن.
هي ڪتاب ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 2012ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 268ئين عرس جي موقعي تي ڇپايو ويو. هي ڪتاب محققن توڙي لطيفيات جي شاگردن لاءِ بيحد ڪارائتو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر صاحبه، پنهنجي ’ناني ستابيءَ‘ جي نالي ڪئي آهي، جيڪا ڀٽ شاهه ڀرسان سيکاٽ ۾ رهندي هئي ۽ لطيف جا سوين بيت کيس زباني ياد هوندا هئا.
چار رنگي ٽائيٽل ۽ پڪي جلد بنديءَ واري هن ڪتاب ۾ 238 صفحا آهن. ان جي قيمت 250 روپيا آهي.


لفظ اديون آءٌ اڄاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو